پارپتي رامڪرشن آڏواڻي

پارپتي رامڪرشن آڏواڻي: ليکڪا پارپتي رامڪرشن آڏواڻي، 18 اپريل 1924ع تي، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائي. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ايل. ايل. بي ۽ بي. ٽي ڪيائين. ادبي دنيا ۾، پاڻ کي هڪ ليکڪا جي حيثيت سان متعارف ڪرايائين. سندس لکڻ جي خاص صنف ’مضمون‘ هئي. هن جون رچنائون ٽڙيل پکڙيل آهن. گيتا تي انگريزي ٻوليءَ ۾ 50 صفحن جي ٽيڪا (شرح) لکڻ تي، سوامي ڄيٺانند وٽان کيس سونو ٻلو انعام طور مليو هو. ورهاڱي کان پوءِ، هندستان لڏي وئي، جتي تلڪ نگر، بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين.


لفظ پارپتي رامڪرشن آڏواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو